عاليا ڀٽ پاران سعودي عرب ۾ اجرڪ جي لباس جي چونڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقبول اداڪارا ۽ ڪپور گهراڻي جي ننهن عاليا ڀٽ سعودي عرب ۾ جواءِ ايوارڊز جي موقعي تي اجرڪ جي ساڙي جي چونڊ ڪئي.

ايوارڊ شو ۾ بالي ووڊ، هالي ووڊ، عربي فنڪارن به شرڪت ڪئي.

اجرڪ هٿ جو هنر آهي، هڪ سادو ڪپڙو هوندو آهي جنهن بعد ان تي مختلف پورن سان ٺپا هنيا ويندا آهن.

اجرڪ سنڌ جي ثقافت آهي ۽ پاڪ ڀارت ورهاڱي کان اڳ، پنج هزار سال قديم موهن جي دڙي جي بادشاهه ڪنگ پريسٽ جي هٿ آيل مجسمي کي به اجرڪ اوڍيل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.