الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ لاهور ۾ غزا بازار جو اهتمام

لاهور (ويب ڊيسڪ) الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ لاهور ۾ غزا بازار لڳائي وئي، جنهن جو مقصد غزا متاثرن سان يڪجهتي ۽ انهن لاءِ عطيا گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي شين جي مقابلي ۾ پاڪستاني شين کي ترجيح ڏيارڻ هو.
ان حوالي سان الخدمت تحت غزا بازار ۾ لڳايل اسٽالز تان حاصل ٿيندڙ آمدني به غزا متاثرن لاءِ عطيو ڪئي وئي، الخدمت غزا بازار ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري، الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ جي چيئرپرسن نويده انيس، سرپرست الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ ڊاڪٽر حميرا طارق، صدر الخدمت ويمن ونگ پاڪستان ڪلثوم فاطمه رانجها، چيئرمين الخدمت هيلٿ فائونڊيشن ڊاڪٽر زاهد لطيف ۽ عظميٰ عمران سميت مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر حفيظ الرحمان چيو ته الخدمت فائونڊيشن غزا جي متاثرن لاءِ هر ممڪن امدادي سرگرميون جاري رکيو پئي اچي، تازي جنگ جي شروعات جي ايندڙ ڏينهن ئي الخدمت غزا ۾ موجود پنهنجي انٽرنيشنل پارٽنرز اين جي اوز ذريعي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو هو، جيڪو هيل تائين جاري آهي، غزا سان امدادي سرگرمين سان گڏ پاڪستان، مصر ۽ اردن مان به امدادي سامان غزا پهچايو پيو وڃي.
الخدمت جي صدر چيو ته مان تازو مصر کان واپس آيو آهيان، جتان الخدمت فائونڊيشن پاڪستان طرفان غزا جي 6 هزار خاندانن لاءِ 10 ٽريلرز تي 150 ٽن امدادي سامان غزا روانو ڪيو ويو، جنهن ۾ راشن، خيما، ڪمبل ۽ ميٽرس سميت ٻيون ضروري شيون شامل آهن.
ان کان اڳ پاڪستان مان اين ڊي ايم اي ۽ ايئر فورس جي سهڪار سان الخدمت فائونڊيشن نور خان ايئر بيس تان 3 مرحلن ۾ 57 ٽن امدادي سامان روانو ڪيو.
غزا ۾ ميڊيڪل رليف جو نظام مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، زخمين ۽ مريضن جي منتقلي لاءِ ايمبولينس دستياب ناهي، الخدمت فائونڊيشن 20 جديد ايمبولينس غزا موڪلڻ جو پلان ٺاهيو آهي، جن مان 3 تيار ٿي چڪيون آهن، جيڪي فوري طور غزا موڪلڻ لاءِ ورڪنگ جاري آهي.
هن الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ کي غزا بازار جهڙي شاندار ايونٽ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي اپيل ڪئي ته اهي الخدمت غزا بازار تان وڌ کان وڌ خريداري ڪن ته جيئن غزا متاثرن جي بهتر انداز ۾ مدد ڪري سگهجي.
ان موقعي تي الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ جي چيئرپرسن نويده انيس چيو ته الخدمت ويمن ونگ ٽرسٽ عورتن ۾ خدمت جو هڪ معتبر نالو آهي، الخدمت غزا بازار جو مقصد متاثرن جي امداد سان گڏ ماڻهن ۾ غزا جي حوالي سان احساس پيدا ڪرڻ آهي ۽ ڏک سور ونڊڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي، غزا بازار چيرٽي بازار جو آئيڊيا آهي، جنهن سان حاصل ٿيندڙ آمدني غزا متاثرن لاءِ عطيو ڪئي ويندي، غزا بازار ۾ ٻارڙين غزا ايشو تي عدالت ۽ ٽيبلوز به پيش ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.