وويڪ اوبراءِ جا ذاتي زندگي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا وويڪ اوبراءِ هندي سئنما ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪمپني، ساٿيا ۽ يووا جهڙي سپر هٽ فلمن سان ڪئي پر پوءِ سندس قسمت پلٽو کاڌو ۽ باڪس آفيس هڪٻئي پٺيان سندس فلمون ناڪام ٿيڻ لڳيون.
ويجهڙ ۾ پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران وويڪ اوبراءِ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته پهريون ڀيرو جڏهن ماڻهن کيس چيو ته هاڻي سندس ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي ته هو ڊپريشن م هليو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انٽرويو دوران جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته اوهان نوجوان وويڪ اوبراءِ کي ڪهڙي صلاح ڏيندئو؟ .
جنهن تي اداڪار جواب ڏيندي چيو ته منهنجي کيس اِها صلاح هوندي ته ڪنهن به شيءَ بابت پريشان نه ٿيو ۽ جڏهن اوهان کي لڳندو آهي ته هاڻي دنيا ختم ٿي ويندي ته اِها اوهان جي ڀُل آهي، سڀ ڪجهه عارضي آهي، ڪجهه به مستقل نه آهي.
هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته اڄ ڪاميابي آهي، سڀاڻي هلي ويندي، آرام ۽ انجواءِ ڪريو.
سندس چوڻ هوته هن ذهني دٻاءُ ۾ پنهنجو ڏاڍو وقت وڃايو آهي، ذهني صحت وقت به وقت خراب ٿي چڪي هئي، پهريون ڀيرو جڏهن ماڻهن چيو ته تنهنجو ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي، مون سوچيو اڃا هاڻي تي ڪيريئر شروع ڪيو آهي ائين ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.