پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نواز شريف کي گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري سان ٽي وي تي بحث ڪري.
پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته احسن اقبال جي ڪاوڙ ثابت ڪري ٿي ته نواز شريف بحث ۾ بلاول کان هارائجي ويندو، بلاول جي خواهش آهي ته سندس مخالف عوامي عدالت ۾ اچي پاڻ کي پيش ڪن.
هن چيو ته پ پ جي حڪومت ملازمن جي پگھار 200 سيڪڙو وڌائي هئي، بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي ڀلائي واري منشور مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ملازمن جي برطرفين جو طوفان مچايو، نواز شريف کي گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري سان ٽي وي تي بحث ڪري.
Next Post
You might also like