جنت مرڙا پنهنجي پوسٽ سبب تنقيد جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ سوشل ميڊيا اسٽار جنت مرزا واهپيدارن پاران ڪپڙن جا 100 نوان وڳا خريد ڪرڻ واري پوسٽ ڪرڻ تي تنقيد جو شڪار آهي.
جنت مرزا تازو ئي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو هو ته هن 100 نوان وڳا خريد ڪيا پر هاڻي سندس ڪيڏانهن وڃڻ تي نه پئي چوي.
ٽڪ ٽاڪر پنهنجي مختصر اسٽوري ۾ لکيو هو ته ماڻهو چوندا هئا ته ڪپڙي خريد ڪريو، انهن کي پائڻ جا موقعا گھڻا ايندا.
جنت مرزا لکيو ته هن ان ڪري 100 کان وڌيڪ وڳا خريد ڪيا پر هاڻي سندس دل ڪٿي وڃڻ لاءِ نه پئي ڪڍي.
ان پوسٽ کان پوءِ ماڻهن اداڪارا کي مشورو ڏنو آهي ته هوءَ وڳا ضرورتمند کي عطيو ڪري ڇڏي.
ڪجهه واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي سواليه انداز ۾ ڪمينٽس ڪيا ته هاڻي ٽڪ ٽاڪر جي ڪٿي وڃڻ لاءِ دل نه پئي ڪڍي ۽ اها ڳالهه ٻين لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهي؟
ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ٽڪ ٽاڪر کي اهي وڳا سڀني برانڊز پاران مشهوري دوران مفت مليا هوندا ۽ هن انهن وڳن ۾ تصويرون به شيئر ڪيون هونديون؟
ڪجهه ماڻهن کيس مشورو ڏنو ته هوءَ انهن سڀني جوڙن کي وڪرو ڪري پئسا عطيو ڪري ڇڏي.
ڪجهه مداحن ڪمينٽس ڪيا ته ثابت ٿي ويو آهي ته پئسا ئي سڀ ڪجهه نه آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.