پاڪستان جي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ فتح سان شروعات

ايسٽ لنڊن (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 181 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڏکڻ آفريقا جي شهر ايسٽ لنڊن ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 284 رنسون ٺاهيون.
پاڪستاني اوپنر شاهزيب خان 106 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، ڪپتان سعد بيگ 55، رياض الله 46 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي، نعمان شاهه 26، سهيل خان ۽ رحيم الله 20-20، حسن عيسيٰ خيل 19 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
پاڪستان طرفان عبيد شاهه 4، محمد ذيشان 3، عامر حسن ۽ احمد حسين هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
اوپنر شاهزيب کي شاندار اننگز کيڏڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.