”جيالن کي گولين ۽ بم حملن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي“

ڪراچي (ويب ديسڪ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ڪارڪنن کي گولين ۽ بم حملن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.
آصفه ڀٽو زرداري ڪارنر ميٽنگ ۽ چونڊ آفيس تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پ پ جي سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ڏسي سياسي مخالفن کي پنهنجي شڪست صاف نظر اچي رهي آهي.
هن چيو ته پ پ جو چونڊ ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ بدران اهڙا حربا استعمال ڪرڻ حقيقت ۾ شڪست جو اعتراف آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي چونڊ تڪ اين اي 230 گلشن بونير ۾ ان وقت فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن جيالو اميدوار ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪري رهيو هو.
هن چيو ته پي پي 162 جي چونڊ آفيس کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻي حرڪت آهي، لاهور پوليس فوري طور ايڪشن وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.