رڳو هڪ جلسي جي اجازت ڏيو سڀني کي خبر پئجي ويندي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان کي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت به نه پئي ڏني وڃي، مان چوان ٿو ته چونڊن کان رڳو 3 ڏينهن اڳ مون کي ڇڏي ڏيو ۽ هڪ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيو ته سڀني کي خبر پئجي ويندي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته مون کي نااهل ڪيو ويو، جڏهن ته عدالت جو فيصلو معطل ٿي چڪو آهي، سزا يافته نواز شريف کي ڪليئر ڪيو ويو، منهنجي نااهلي خلاف اپيل ۽ انساني حقن لاءِ داخل پٽيشن کي نه پيو ٻڌو وڃي، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، جنهن ۾ اسان جي اميدوارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته هڪ مفرور کي اسان تي مڙهيو پيو وڃي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي چڪي آهي پر اسان آخري بال تائين وڙهنداسين، جهڙي ريت چونڊون ڪرايون پيون وڃن، ان سان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام وڌندو، ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ پنهنجو سياسي مستقبل ختم ڪري ڇڏيندو، پي ٽي آءِ وٽ ووٽ بينڪ آهي، تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ کان اها پارٽي نه پئي ٽٽي، چونڊون ختم ٿيندي ئي ماڻهو پي ٽي آءِ ڏانهن ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.