اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت جي جج محمد بشير طبعيت ۾ ناسازي سبب رٽائرمينٽ تائين موڪلن جي درخواست ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب جج مح۾د بشير 14 مارچ 2024 ۾ رٽائر ٿي رهيو آهي پر هن ملازمت جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ موڪلن لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جج محمد بشير 24 جنوري کان 14 مارچ تائين موڪلن لاءِ خط لکيو آهي، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي خط لکيو آهي، جيڪو وصول به ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب خط ۾ جج لکيو ته طبعيت ۾ ناسازي سبب ڊيوٽي انجام نٿو ڏئي سگهان، تنهن ڪري رٽائرمينٽ تائين موڪل منظور ڪئي وڃي.
واضح رهي ته جج محمد بشير ئي العزيزيا اسٽيل ملز ۽ هل ميٽل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي سزائون ٻڌايون هيون ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ڪيس به سندس عدالت ۾ ئي هلي رهيو هو.
ان کانسواءِ جج محمد بشير اڳوڻي صدر آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشا خانا ڪيس به ٻڌو، جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۽ راجا پرويز اشرف رينٽل پاور ڪيس ۾ جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا.
You might also like