ٻين سياستدانن کي خلائي مخلوق ۽ مون کي عوام مان اميد آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوٽ ادو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين سياستدانن کي خلائي مخلوق ۽ مون کي عوام مان اميد آهي.
ڪوٽ ادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اڪيلو سياستدان آهيان، جيڪو عوام ڏانهن ڏسي رهيو آهيان ۽ عوام کان ووٽ گهري رهيو آهيان، اقتدار ۾ اچي اميرن ۽ اشرافيا کي تڪليف، جڏهن ته عام ماڻهو کي رليف ڏينداسين.
هن چيو ته سڀني سان ڳالهايو، سمجهايو ته پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن، منهنجي اميدوارن کي اسيمبلين ۾ پهچايو ته جيئن پنهنجي وڏن جو اڻپورو مشن پورو ڪري سگهان، تير ئي شينهن جو شڪار ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.