ميڊونا تي مداح حيران ڪندڙ سبب جي ڪري ڪيس ڪري ڇڏيو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) دنيا جي مشهور ڳائڻي ميڊونا تي سندس مداحن پاران ڪيس داخل ڪيو ويو.

فريادين جو چوڻ آهي ته ميڊونا هڪ ​​ڪنسرٽ دير سان شروع ڪيو، جنهن سبب هو رات دير سان گهر پهتا ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪم تي وڃڻ لاءِ کين جلدي اٿڻو پيو.

ميڊونا تي ڪيس داخل ڪندڙ مداح نيويارڪ جا آهن.

بروڪلن جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾، مائيڪل فيلوز ۽ جوناٿن هيڊن دعويٰ ڪئي ته هنن ميڊونا جي شو لاءِ 13 ڊسمبر تي بارڪليز سينٽر شو لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪيون.

شو 8:30 PM تي شروع ٿيڻو هو، پر 65 سالن جي ڳائڻي 10:30 PM کان اڳ شو شروع نه ڪري سگهي.

ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هو جڏهن 1 وڳي شو ختم ٿيڻ کانپوءِ گهر وڃڻ لاءِ هال مان نڪتا ته پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ٿي چڪي هئي. کين گهر پهچڻ لاءِ وڌيڪ ڪرايو ڀرڻو پيو.

شوبز جي دنيا ۾، ڪنسرٽ ۽ شوز جو دير سان شروع ٿيڻ عام آهي.

آمريڪا ۽ يورپ ۾ فنڪارن کي ان حوالي سان ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ان کان اڳ ميڊونا تي ٻه ڀيرا ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. اهي ٻئي ڪيس بعد ۾ رضاڪاراڻي بنياد تي واپس ورتا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.