”دعا آهي الله ڌيءُ کي نواز شريف جهڙو مڙس ڏئي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا عمران نذير پنهنجي ڌيءَ لاءِ قائد نواز شريف جهڙي مڙس جي دعا ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي طرفان لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تان چونڊ وڙهندو، جڏهن ته ميان اطهر محمود سندس مقابلي ۾ هوندو.

اين اي 127 ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ خواجا عمران نذير چيو ته جيڪڏهن نواز شريف خراب آهي ته دعا آهي ته منهنجي هڪ ئي ڌيءَ آهي، الله کيس نواز شريف جهڙو مڙس ڏئي.

هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏئي ها ته کيس سلام پيش ڪريان ها پر ائين ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.