ڪراچي: تازو ڄاول ٻارن جي خريداري ۽ وڪرو شروع ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس کارادر جي علائقي مان تازو ڄاول ٻارڙن جي خريداري ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار عورت کي گرفتار ڪري هڪ ٻارڙو هٿ ڪري ورتو آهي.

کھارادر پوليس جوابدار عورت فاطمه وٽان تازو ڄاول ٻار هٿ ڪيو.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار عورت تازو ٻار کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪراچي آئي هئي.

عورت ٺٽي جي ڳوٺ مان نينگر کي 2 لک رپين ۾ خريد ڪري ڪراچي وڪرو ڪرڻ لاءِ آيل هئي.

ٻار وڪڻيندڙ جوابدار کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار عورت خلاف کارادر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.