پاڪستاني بالرن جا حال هيڻا سور ٻيڻا، بدترين رڪارڊ پنهنجي ڪري ورتو

نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان کي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ به بري طرح هارائي سيريز ۾ 0-4 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستان طرفان 159 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 19 هين اوور جي پهرين ئي بال تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستاني بالرن نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي بدترين پرفارمنس ڏيکاري آهي، قومي بالرن سيريز جي چئن ميچن ۾ مجموعي طور تي 803 رنسون ڏنيون آهن.
نيوزيلينڊ، پاڪستان خلاف سيريز ۾ هنيئر تائين 10.27 في اوورز جي ايوريج سان رنسون ٺاهيون آهن جيڪا پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستاني بالرن جي مهانگي ترين ڪارڪردگي آهي.
ان کان اڳ پاڪستان 2023ع ۾ نيوزيلينڊ خلاف ئي پنج ميچن جي هوم سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 769 رنسون ڏنيون هيون.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز ۾ اڃا هڪ ميچ باقي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.