پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، سلامتي تي ٺاهه نه ڪيو ويندو: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي سلامتي ڪيمٽي ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، قومي سلاميتي ڪميٽي اجلاس ۾ پاڪستان ايران ڇڪتان تي غور ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير سفارتي محاذ تي ٿيندڙ ڳالهه ٻول تي بريفنگ ڏني،جڏهن ته بچاءَ واري وزارت جي عملدارن به معاملي بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان ايراني سرزمين تي ڪامياب انٽيليجينس بيسڊ آپريشن ڪيو، پاڪستان ايراني سرزمين تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان جي ايران ۾ مقرر سفير به بريفنگ ڏني.
ذريعن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان ڪو به ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، قومي سلامتي تي ٺاهه نه ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، ڪميٽي ملڪي سالميت ۽ خودمخياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪرڻ جو عزم ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.