ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين جي دليلن بعد ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ام رباب چانڊيو، فريادي پرويز چانڊيو، اڳوڻو ايم پي اي سردار چانڊيو، برھان چانڊيو ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو.
پوليس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوھر، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو ۽ ذولفقار چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻنھي ڌرين جي وڪيل پاران دليل ڏنا ويا.
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪئي.