جيڪڏهن اوهان به گوگل استعمال ڪندا آهيو ته هي ضرور پڙهو!

گوگل دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سرچ انجڻ آهي ۽ روز ڪروڙين يا اربين ماڻهو ان کي استعمال ڪندا آهن.
پر هڪ نئين تحقيق ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گوگل سرچ انجڻ جو معيار خراب ٿي چڪو آهي.
جرمني جي Leipzig ۽ Bauhaus يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي.
هڪ سال تائين جاري رهندڙ تحقيق دوران گوگل سان گڏوگڏ بنگ ۽ ٻين سرچ انجنز ۾ رزلٽس جي معيار کي ڀيٽيو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته گوگل تي جڏهن ڪنهن شيءِ کي سرچ ڪيو ويندو آهي ته گھڻو ڪري ٽاپ رزلٽس يا سڀ کان اڳ نظر ايندڙ لنڪس غير معياري مواد تي ٻڌل هونديون آهن.
تحقيق دوران ست هزار کان وڌيڪ پراڊڪٽس سرچ ٽرمز جو تجزيو ڪيو ويو ۽ دريافت ٿيو ته گوگل ۽ ٻين سرچ انجنز پاران غير معياري مواد ڏيکارڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.
تحقيق موجب گھڻيون ويب سائيٽس پنهنجي مواد بدران سرچ انجڻ آپٽيمائزيشن (ايس اِي او) تي گھڻو ڌيان ڏينديون آهن.
گوگل پاران ايس اِي او جي استعمال جي روڪٿام لاءِ گھڻو ڪري الگورٿمز ۾ تبديليون ڪيون وينديون آهن ۽ غير معياري مواد هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
محققن ٻڌايو ته اسان ڪمپني کي الگورٿمز کي ايڊجسٽ ڪري اهڙي مواد جي روڪٿام ڪندي ڏٺو آهي پر انهن تبديلين سان عارضي بهتري ايندي آهي، جنهن کان پوءِ ايس اِي او اسپامرز نون طريقن سان سسٽم کي شڪست ڏئي ڇڏيندا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته پراڊڪٽ سرچز ۾ ته گوگل کي گھڻو ڪري شڪست ٿيندي آهي پر پوءِ به پوءِ به اها بنگ ۽ ٻين سرچ انجنز کان وڌيڪ بهتر ڪم ڪندي آهي.
تحقيق جي وقت دوران گوگل جي پراڊڪٽ سرچ جو معيار به محققن بهتر ٿيندي ڏٺو.
تحقيق جي نتيجن تي ڳالهائيندي گوگل جي هڪ ترجمان غير معياري مواد جي مسئلي جو اعتراف ڪيو.
پر ترجمان جو چوڻ هو ته تحقيق جي نتيجن مان گوگل سرچ جي گڏيل معيار جي عڪاسي نٿي ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.