پاڪ- ايران پرڏيهي وزيرن جو فون تي رابطو، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ۾ هڪ ڀيرو وري ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۾ رابطو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزير تازي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني قومي سلاميتي ڪميٽي کي ايراني هم منصب سان ڳالهه ٻول کان آگاهه ڪندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پرڏيهي کاتي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هاڪاري پيغامن جي وڏ وٺ جي به تصديق ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.