ليبارٽري ۾ تيار ڪيل زيور دنيا ۾ مقبول ٿيڻ لڳا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ماڻهن لاءِ قدرتي هيرا جيڪي اربين سالن ۾ تيار ٿيندا آهن قيمتي شيءِ هوندا آهن پر ليبارٽري ۾ سائنسي طريقي سان تيار ڪيل هيرا ۽ زيور اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ مقبوليت حاصل ڪندا پيا وڃن.
ميڊيا رپورٽس موجب ايڊهن گولن ڊائمنڊ ريسرچ اينڊ ڊيٽا موجب ليبارٽري ۾ تيار ڪيل زيورن جي مارڪيٽ ۾ گھرج 20 سيڪڙو ساليانو وڌي آهي، جنهن سان عالمي منافعو 15 بلين ڊالرز تائين پهچي ويو آهي.
ٻي پاسي برطانيا ۾ جيولري ليبارٽري چان پرائيويٽ لميٽيڊ جي مالڪ ۽ ايوارڊ يافته برطانوي جيولري ڊزائنر اينابيلا چان جو چوڻ هو ته هن جي ويجهو ليبارٽري جا تيار ڪيل زيور جن کي ري سائيڪل ٿيل ڪين مان تيار ڪيو ويندو آهي انهن جي اهميت قدرتي هيرن کان وڌيڪ آهي.
اينابيلا چان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن ان قسم جا زيور بڻائڻ جي چونڊ هيرن جي کاڻن جي موجودا خراب صورتحال ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي خراب حالت ڏسي ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا جا قيمتي پٿر ٻين لاءِ قيمتي هوندا پر مون کي سان ڪو به مطلب نه آهي. ان بدران آئون انوکي سائنسي ٽيڪنيڪ جو استعمال ڪندي ڪين جي سائيڪلنگ مان تيار ٿيل هيرن ۽ موتين کي وڌيڪ پسند ڪندي آهيان.
چان جي ڪمپني موجب ڪورونا وبا کان پوءِ اهڙن زيورن جي گھرم ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي. اينا بيلا کي نومبر ۾ برطانوي لگزري ايوارڊ ۾ ”گيم چينجر“ ڪيٽيگري جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.