فوجي طاقت جي عالمي رينڪنگ، پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي؟

گڏيل فوجي قوت جي معاملي ۾ آمريڪا سڄي دنيا ۾ ڪٿي به تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ لاءِ اڃا به سڀ کان اڳڀرو آهي.

گوبل بائر پاور رينڪنگ ۾ آمريڪا، روس ۽ چين پهرين ٽين پوزيشن تي آهن. ٽاپ ٽين ۾ پاڪستان به شامل آهي جيڪو نائين نمبر تي آهي. ڀارت جو نمبر چوٿون، ترڪي جو اٺون، تيرهين، چوڏهين، ۽ پندرهين نمبر تي انڊونيشيا، ايران ۽ مصر آهن جڏهن سعودي عرب جو نمبر 23 هون آهي.

گلوبل فائر پاور انڊيڪس جي تياري ۾ گڏيل طور تي 60 عملن جو جائزو ورتو ويندو آهي. ڪنهن به فوج ۾ شامل ماڻهن کانسواءِ اوزارن ۽ سامان جو انگ، مقدار يا ڪيفيت، لاجسٽڪس جي صلاحيت، مالياتي استحڪام ۽ تربيت جي معيار سميت اُهي سمورا عمل تجزيي جي مرحلي مان گذرن ٿا جيڪي ڪنهن به فوج کي مقابلي جوڳو بڻائين ٿا.

گلوبل فائر پاور تاريخي ڊيٽا جي جائزي مان به اها خبر پوي ٿي ته جڏهن به پاڪستان ۾ سياسي حالتون خراب ٿيون، فوجي طاقت جي درجه بندي ۾ گھٽتائي ٿي.

ڪنهن به فوج جي گڏيل قوت جو درست اندازو لڳائڻ لاءِ ان جي ڪميونيڪيشن جي صلاحيت سان گڏوگڏ اهو به ڏٺو ويندو آهي ته اُها هنگامي طور تي پنهنجي زمين تي ڪيترو پري ۽ ڪيتري قوت ۽ تيزي سان اثرائتي ڪارروائي ڪري سگھي ٿي. ان معاملي ۾ آمريڪا هن وقت به گھڻو اڳتي آهي. سڄي دنيا ۾ موجود پنهنجي فوج اڏن جي مدد سان آمريڪا ڏورانهن خطن ۾ به پنهنجي فوج تيزي سان سرگرم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

گلوبل فائر پاور انڊيڪس ۾ 145 ملڪن جي رينڪنگ ڏني وئي آهي. ٽاپ 25 ۾ پاڪستان کانسواءِ اسلامي دنيا جو ملڪ ترڪي، انڊونيشيا، ايران، مصر ۽ سعودي عرب به شامل آهن.

پاڪستان جي رينڪنگ ۾ گھٽتائي

گلوبل فائر پاور انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ 2023ع جي ڀيٽ ۾ گھٽتائي ٿي آهي.

سال 2023ع ۾ پاڪستان ترقي ڪري ستين نمبر تي پهچي ويو هو. سال 2022ع ۾ به پاڪستان جي رينڪنگ نائين هئي پر درجه بندي ٻه درجا بهتر ٿيڻ کان پوءِ ان ستين پوزيشن ماڻي ورتي هئي.

پر 2024ع ۾ پاڪستان جي درجي ۾ گھٽتائي ٿي آهي ۽ هاڻي پاڪستان ٻيهر نائين نمبر تي اچي ويو آهي. ان جي باوجود پاڪستان هن وقت به دنيا جي 10 وڏين فوجي قوتن ۾ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.