يويو هني سنگهه به پاڪستاني نڪتو، گلوڪار جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي گلوڪار يويو هني سنگهه پاڪستان جي شهر لاهور جي دوري جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ گلوڪار انڪشاف ڪيو ته سندس ابن ڏاڏن جو واسطو لاهور سان آهي ۽ هو چاهي ٿو ته لاهور شهر جو دورو ڪري.
هن پاڪستاني مداحن پاران ملندڙ محبت تي سندس ٿورا مڃيندي چيو ته ان سان گھڻي خوشي محسوس ڪندو آهيان.
هني سنگهه ٻڌايو ته سندس خاندان جو واسطو لاهور سان آهي ۽ هو ڪنهن ڏينهن پنهنجو خانداني ورثو ڏسڻ لاءِ پاڪستان ويندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ وڃي ننڪانه صاحب به وڃڻ چاهي ٿو ۽ اتي پنهنجي خاندان جي ماڻهن ۽ مداحن سان ملڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.