2023ع ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙيون موبائيل فون وڪرو ٿيون؟

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايپل هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فون وڪرو ڪندڙ ڪمپني بڻجي وئي آهي.
سمارٽ فونز جي وڪري جي انگن اکرن تي نظر رکندڙ ڪمپنين پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2023ع ۾ ايپل سام سنگ کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
رپورٽ م ٻڌايو ويو اهي ته 2023ع ۾ ايپل 23 ڪروڙ 46 لک کان وڌيڪ آءِ فونز وڪرو ڪيا.
ان جي ڀيٽ ۾ سام سنگ 22 ڪروڙ 66 لک جڏهن ته شيائومي 14 ڪروڙ 59 لک سمارٽ فون دنيا ۾ وڪرو ڪيا.
2010ع کان لاڳيتو هر سال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فون وڪرو ڪرڻ جو اعزاز سام سنگ وٽ هو ۽ 13 سالن کان پوءِ ان کي پنهنجي پوزيسن کان محروم ٿيڻو پيو.
رپورٽ موجب ان کان اڳ ايپل ڪڏهن به اهو اعزاز پنهنجي ناهي ڪيو.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته 2023ع ۾ ايپل جا سستا جي سستن آءِ فونز بدران مهانگا آءِ فونز وڌيڪ وڪرو ٿيا.
انگن اکرن موجب 2023ع ۾ معاشي بحران، مهانگائي ۽ غير يقيني صورتحال جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ سمارٽ فونز جي وڪري ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
گڏيل طور تي 2023ع دوران سمارٽ فونز جي وڪري ۾ 2022ع جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
پر 2024ع ۾ سمارٽ فونز جي وڪري ۾ بهتري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.