2023ع ۾ چيني آباديءَ ۾ رڪارڊ گھٽتائي

چين ۾ هڪ ٻار هڪ خاندان جي پاليسي جي خاتمي جي باوجود آبادي ۾ گھٽتائي جو سلسلو ناهي بيهجي سگھو.
چين جي ڳڻپ کاتي موجب لاڳيتو ٻئي سال چين جي آبادي ۾ رڪارڊ گھٽتائي ٿي آهي.
2023ع ۾ چين جي آبادي ساڍا 27 لک ماڻهو يا 0.2 سيڪڙو گھٽتائي سان 1.409 ارب رهي.
ان کان اڳ 2022ع ۾ چين جي آبادي ۾ 1961ع کان پوءِ پهريون ڀيرو گھٽتائي رڪارڊ ٿي هئي.
2022ع ۾ چين جي آبادي 8 لک 50 هزار ماڻهن جي گھٽتائي سان 1.41 ارب رهي هئي.
2023ع فوتگين جو انگ 6.6 سيڪڙو اضافي سان 1 ڪروڙ 11 لک رڪارڊ ٿيو هو جيڪو 1974ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ ٻارن جي ڄم 5.7 گھٽتائي سان گڏ 90 لک کان وڌيڪ رهي جيڪا تاريخ جي گھٽ ترين شرح آهي.
واضح رهي ته چيني حڪومت پاران ڪيترن ئي سالن کان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پيرسن آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ امڪاني بحران جي روڪٿام ڪري سگھجي.
ان مقصد لاءِ جوڙن کي وڌيڪ ٻار ڄڻڻ تي مختلف مراعتون ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي پر گھڻا جوڙا والدين بڻجڻ لاءِ تيار نه آهن.
2023ع ۾ ڀارت دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.