برطانيا ۾ رت ڄمائيندڙ ٿڌ، عام زندگي متاثر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ برفباري ۽ سخت ٿڌ سبب عام زندگي خراب نموني متاثر ٿي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب برفباري ۽ سخت ٿڌ سبب يارڪ شائر، اسٽيفورڊ شائر، ڊربي شائر سميت ويلز ۽ اسڪاٽلينڊ جا علائقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، برفباري سبب برطانيا جي ڪيترين ئي اهم شاهراهن تي برف جا تهه ڄمي ويا جنهن جي ڪري ٽريفڪ متاثر ٿي آهي.
ان کانسواءِ خراب موسم جي ڪري فلائٽ آپريشن به متاثر ٿيو آهي جنهن سبب مسافرن ڪيترائي ڪلاڪ ايئرپورٽ تي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.
ٻي پاسي موسمياتي کاتي وڌيڪ ٿڌ جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته انهن علائقن ۾ پارو ڪاٽو 10 کان 15 ڊگري تائين ڪِري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.