دڪانن مان چوري جي الزام تي نيوزيلينڊ جي پارليامينٽ ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي گرين پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر مقامي دڪانن ۽ بوتيڪ مان مبينا چوري جي الزام تي پارليامينٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پارليامينٽ ميمبر گلريز گھاراهمن تي ٽي ڀيرا وڏن بوتيڪ جي دڪانن تان شيون چورائڻ جا الزام لڳايا ويا هئا.
گلريز گھاراهمن پنهنجي بيان ۾ الزام جو جواب ڏيڻ کانسواءِ چيو ته ذهني مسئلن ۽ دٻاءَ سبب هن کان اِها غلطي ٿي هئي اُها منهنجي ڪردار سان هڪجهڙائي نٿي رکي.
هن چيو ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کان بهترين رويي ۽ طرز عمل جي اميد رکندا آهن ۽ آئون سندن اميدن تي پوري نه لهي سگھيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.