ملڪي دفاع مضبوط ۽ يقيني بڻائينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم ۽ ڪوششون جاري رکنداسين، ملڪ جو دفاع مضبوط ۽ يقيني بڻائينداسين.
آرمي چيف پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز (پي او ايف) واهه جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف کي پي او ايف جي پيداواري صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف پي او ايف آفيسرن ۽ اسٽاف کي خطاب ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين، جديد ٽيڪنالاجي ملڪ جو دفاع مضبوط بڻائڻ لاءِ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.