بهترين دوست ڀارت ۾ آهن: اداڪار عمران عباس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار عمران عباس چيو آهي ته هن گھڻا دوست ٺاهيا پر سندس بهترين دوست ڀارت ۾ آهن.
پاڪستاني اداڪار عمران عباس جي ڳڻپ انهن ڀارتي اداڪارن ۾ ڪئي ويندي آهي جن جي مقبوليت سرحد پار به هوندي آهي اهو ئي نه عمران عباس به ڀارت ۽ ڀارتي اداڪارن سان خاص محبت رکي ٿو جنهن جو اعتراف هن هڪ تازو انٽرويو ۾ ڪيو.
انٽرويو دوران عمران عباس ٻڌايو ته کيس ممبئي گھڻي پسند آهي اتي هن گھڻا دوست ٺاهيا آهن.
عمران عباسد موجب ڀارتي هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي منهنجي تمام سٺو دوست آهي، اداڪار ۽ هدايتڪار بوني ڪپور جي اڳوڻي زال مونا ڪپور به راکي ٻڌي مون کي پنهنجو ڀاءُ بڻايو آهي، آئون گھڻا دوست ٺاهيا آهن پر منهنجو خيال آهي ته سڀ کان سٺا دوست ڀارت ۾ آهن، ان ڪري مون کي ممبئي وڃي سٺو لڳندو آهي.
اداڪار چيو ته لک مسئلن هجن پر اسان جا پيءُ ماءُ به ڀارت کان پاڪستان آيل آهن ته اسان جو يادون اتان سلهاڙيل آهن، آئون ڀارت ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ جي ڳوٺ ويس ته اتان جا ماڻهو مون کي سڃاڻي ويا هئا، گهٽين ۾ ٻار منهنجي پٺيان ڀڄي رهيا هئا، منهنجي والدين جي خواهش هئي ته هو واپس پنهنجي ڳوٺ کي ڏسن پر هو نه ڏسي سگھيا ڇو جو هاڻي هو حيات نه آهن.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.