ڀارتي پوليس انجو کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 38 سالن جي انجو کي سون جي چين چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

انجو نالي عورت کي ٻارن جي سار سنڀال لاءِ نوڪري تي رکيو ويو هو پر بعد ۾ هن ٻار جي سون جي چين چوري ڪئي ۽ اهو ڪيس ڪجهه ڏينهن اڳ سامهون آيو هو جنهن بعد انجو فرار ٿي وئي هئي.

شڪايت تي پوليس ڪارروائي ڪندي انجو کي پوٿيا ڪاوو نالي علائقي مان گرفتار ڪري ورتو ۽ جاچ دوران هن انڪشاف ڪيو ته هن اها چين وڪرو ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.