ڪراچي: صفائي لاءِ گٽر ۾ لٿل ٻه ٻالا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 12 ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي ٻه سينيٽري ورڪر گٽر ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ٽيم ٻنهي ڄڻن جا لاش ڪڍي ورتا، اختيارين موجب ٻنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.
اختيارين ٻڌايو ته مزدور سيوريج لائن ۾ بلاڪيج جي شڪايتن تي صفائي سٿرائي لاءِ پهتا، هڪ مزدور صفائي لاءِ گٽر ۾ لٿو ته واپس نه آيو، جنهن کانپوءِ ساٿي ورڪر مزدور کي ڪڍڻ لاءِ ويو ته اهو به ٻاهر نه آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.