لاهور ۾ شينهن واپس ايندو، ترقي واپس ايندي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته لاهور ۾ شينهن واپس ايندو ۽ ترقي جو ڦيٿو جتي بيٺو هو، اتان شروع ڪنداسين.
لاهور ۾ چونڊ مهم دوران خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته لاهور سان واعدو آهي ته شينهن کي کٽرايو، رات ڏينهن خدمت ڪنداسين، ڪٿي ميٽرو بس ۽ ڪٿي اسپيڊو بس گذري رهي آهي، هنڌ هنڌ توهان کي نواز شريف جا منصوبا نظر ايندا.
هن چيو ته لاهور ۾ ن ليگ خدمت جا رڪارڊ قائم ڪيا هئا، گذريل 4 سال جن لاهور کي لاوارث بڻايو، انهن کي 8 فيبروري تي لاهور مان کڻي ٻاهر ڦٽو ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو عوام کي اپيل آهي ته 8 فيبروري تي سڀ نڪري ۽ شينهن تي ٺپو هڻي، ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.