مالديپ ڀارتي فوج کي ملڪ مان نڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

مالي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ مالديپ جا لاڳاپا ۾ ڇڪتاڻ ٿي آهي ۽ مالديپ جي صدر محمد معيزو ڀارت کي پنهنجا فوجي مالديپ مان ڪڍڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب مالديپ چيو آهي ته ڀارت مالديپ جي علائقي مان ڀارتي فوجين کي 15 مارچ تائين واپس گھرائي.
مالديپ جي صدر محمد معيزو جي سيڪريٽري چيو آهي ته صدر محمد معيزو جي پاليسي تحت ڀارتي فوجي مالديپ ۾ نٿا رهي سگھن.
ڀارتي گھرو وزارت خبر تي اڃا ڪو به ردعمل نه ڏنو آهي.
واضح رهي ته مالدي ۾ نئين صدر محمد معيزو جي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ کان ڀارت ۽ مالديپ جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا آهن.
3 مهينا اڳ مالديپ جي صدر چونڊجڻ محمد معيزو اليڪشن ۾ انڊيا آئوٽ جو نعرو لڳايو هو ۽ مالديپ مان ڀارتي جوج جي واپسي جو مطالبو ڪيو هو.
صدر چونڊجڻ کان پوءِ محمد معيزو پنهنجي پهرين دوري لاءِ روايت سان هٽي ڪري ڀارت بدران ترڪي ۽ چين جي چونڊ ڪئي هئي ۽ ڀارت سان باضابطا طور تي پنهنجي ملڪ مان ڀارتي فوجي اهلڪارن کي واپس گھرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
محمد معيزو جو چوڻ هو ته هن جي حڪومت ملڪ جي تزويراتي اهميت واري علائقي مان ڀارتي فوج کي واپس موڪلڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
رپورٽ موجب مالديپ ۾ 100 جي ويجهو ڀارتي فوج جو دستو 1988 کان مقرر آهي، جيڪو جهاز اڏائڻ، تربيت ۽ سرويلنس سوڌو ٻين غير جنگي معاملن لاءِ موجود آهي.
ان وقت جي حڪومت جي درخواست تي ڀارتي فوجين کي بغاوت جا خطرا ۽ سريلنڪا جي تامل ٽائيگرز کان حفاظت کي نظر ۾ رکندي مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.