سياسي پارٽين ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) بيٽ واري نشان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان انٽرا پارٽي چونڊن و اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رم ارڪس ڏنا  ته لڳي ٿو پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي بيٽ واري نشان بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس مظاهر علي پڇاڻو ڪيو ته اڃا تفصيلي فيصلو جاري ناهي ٿيو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اڃا تفصيلي فيصلو ناهي آيو ۽ لڳي ٿو ته فيصلو اچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي ويندو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته 13 جنوري ڇنڇر جي ڏينهن سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ٿيڻا آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان بيٽ وارو نشان واپس ڪرڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ پڙهي ٻڌايو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مون کي تياري لاءِ سومر تائين وقت ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٽن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪيس ملتوي ڪرڻو آهي ته پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻو پوندو، اسان سڀاڻي ۽ پرينهن به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڇنڇر ۽ آچر واري موڪل قربان ڪري چونڊن جا ڪيس ٻڌي سگهون ٿا. جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته رڳو اِهو چاهيون ٿا ته چونڊن وقت سر ۽ قانون پٽاندڙ ٿين، ڄاڻو ٿا ته هاڻي چونڊن ۾ وقت گهٽ آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي اءِ سان امتيازي ورتاءُ ته ناهي ڪيو ويو، هر پارٽي کي اختيار آهي ته پنهنجي جماعت کي ووٽ ڏئي، اهڙي طرح هر ميمبر کي اختيار ٿيڻ گهرجي پنهنجي پسنديدا اميدوار کي پارٽي ۾ ووٽ ڏئي، هڪ اهم ڳالهه اِها آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن وارو معاملو ان وقت اُٿاريو ويو جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هئي، سياسي پارٽين اندر به جهموريت هئڻ گهرجي آمريت نه هئڻ گهرجي، ڪٿي اڻ برابري تي ناهي ٿي رهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٿي سگهي ٿوته اِهي پارٽيون به سڀاڻي سامهون اچن، جڏهن چيئرمين بنا مقابلي چونڊجي ويو ته ووٽن جو معاملو ڪٿان آيو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسد عمر اڄ به پارٽي جو سيڪريٽري آهي.  چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اصل سوال ٻه ڊسمبر واري پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جو آهي، ڪجهه شيون ته ٽڪنيڪي آهن اصل شيءَ جهموريت آهي، جهموريت ملڪ ۾ به هئڻ گهرجي، جهموريت سياسي پارٽين ۾ به هئڻ گهرجي، پهرين ڊڪليريشن ڏيکاريو ڪٿي چيو ويو آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن درست آهي، چونڊ نشان جو ذڪر آئين ۾ ناهي پر اليڪشن ايڪٽ ۾ آهي، ڌرڻي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن چيو هو ته ڪا شق ڪاسميٽڪ آهي، پر پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تان ڦري وئي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، سڀاڻي تحريڪ انصاف جي وڪيل کي ٻڌنداسين. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته بيٽ جو چونڊ نشان ٺهي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ملڻ گهرجي، اليڪشن وڙهڻ جو بنيادي حق کسيو وڃي ته آمريت هيٺين سطح تائين اچي ويندي چيف جسٽس چيو ته اليڪشن وڙهڻ هر شهري ۽ جماعت جو بنيادي حق آهي، اهو حق کسيو وڃي ته پوءِ آمريت قومي ۽ هيٺين سطح تي به اچي ويندي. پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته توهان اليڪشن ڪميشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ کانپوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ڇو ويا؟ حامد خان چيو ته اسان کي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪا به سيڪيورٽي نه پئي ملي، گرفتارين ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب اسان پارٽيءَ جون چونڊون به پشاور ۾ ڪرايون، سيڪيورٽي سببن جي ڪري اپيل به پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون شفاف نه هيون، پي ٽي آءِ جي ماڻهن به انٽرا پارٽي چونڊن کي چئلينج ڪيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پي ٽي آءِ جي پارٽي چونڊن ۾ سڀني جو بنا مقابلي چونڊجڻ عجيب ڳالهه آهي، سياست ۾ ته مقابلا ٿيندا آهن، ماڻهو ٽڪيٽ لاءِ جهيڙا ڪندا آهن.  حامد خان چيو ته پارٽي جون چونڊون شفاف نه ٿيڻ جون دانهون ڪندڙن جو پارٽي سان ڪو به تعلق نه آهي، پارٽي انهن ماڻهن کي نيڪالي ڏئي چڪي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.