سينيٽ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٻيو ٺهراءُ جمع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ عام چونڊون سيڪيورٽي چئلينجز سبب ٽن مهينن تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي.
سينيٽر هدايت الله خان طرفان عام چونڊون ٽن مهينن لاءِ ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءِ سينيٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيوآهي.
ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته سموري ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان آئيني ذميواري ۽ اميدوارن کي نشانو بڻائڻ جي وڌندڙ واقعن ۾ مسلسل واڌ تي ايوان ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، اتر وزيرستان، باجوڙ، صوابي ۽ تربت ۾ دهشتگرد حملا ٿيا، چونڊ وڙهندڙ هڪ پيرسن سياستدان زخمي ۽ هڪ اميدوار حياتي وڃائي ويٺو.
ٺهراءُ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڊپ ۽ عدم تحفظ وارو ماحول پيدا ٿيو آهي.
سينيٽ سيڪرٽريٽ ۾ جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ اپيل ڪئي وئي اهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت رياست جي بنيادي ذميواري آهي، پرامن چونڊون ڪرائڻ تي غور ڪيو وڃي، عام چونڊون ٽن مهينن لاءِ ملتوي ڪيون وڃن.
ٺهراءُ جي متن موجب، حڪومت اهڙيون حالتون پيدا ڪري جو سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان ملي، سلامتي خدشا ختم ڪيا وڃن.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ ملڪ ۾ اٺ فيبروريءَ تي رٿيل عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.