انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ جي سهولت سڀني جماعتن کي ڏني وڃي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ جي سهولت سڀني جماعتن کي ڏني وڃي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فيصلي کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ 2017 عملي طور ختم ٿي ويو، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جماعتن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ثابت ٿيو ته لاڏلو عزيز آهي، فيصلو 9 مئي جي جوابدارن جي حوصلا افزائي آهي، فيصلو اليڪشن ڪميشن کي تالو لڳائڻ برابر آهي، اليڪشن ڪميشن قانون تي عمل ڪيو پر فيصلو لاڏلي جي حق ۾ آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.