سپريم جڊيشل ڪائونسل استعيفيٰ گهري هئي حساب نه: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل حساب گهريو هو استعيفيٰ نه.
اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ججن طرفان استعيفائن تي ردعمل ۾ ڏنو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اهي ڇا ٿا سمجهن ته استعيفيٰ ڏيڻ سان جان ڇٽي ويندي، قطعي نه، احتساب اڄ کان شروع ٿيندو.
هن چيو ته اختيار امانت سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجن، استعيفائون قبول ٿي وڃن پوءِ به حساب ڏيڻو پوندو، معافي نه ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.