فواد خان ماهران خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فواد خان ساٿي اداڪارا ماهرا خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران اداڪار فواد خان ماهرا خان سان گڏ اسڪرين تي گھٽ نظر اچڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ۽ ماهران خان جي وچ ۾ احترام جو خاص رشتو آهي جنهن جي ڪري اسان هڪ ٻئي سان گڏ ڪم ڪندي گھڻو احتياط ڪندا آهيون ڇو جنهن سان اوهان جو ويجهو رشتو بڻجي ويندو ان سان گڏ گھڻو ڪم ڪرڻ سان شيون پيچيدهه ٿي وينديون آهن.
هن چيو ته دوستي ۽ ڪم کي ڌار رکڻ گھرجي، انسان اهڙي صورتحال ٿورو محتاط ان ڪري به ٿي ويندو آهي ڇو جو ڪٿي اهو محسوس نه ٿئي ته اسان پنهنجي فائدي لاءِ هڪ ٻئي کي استعمال ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.