آنر جو بهترين فيچرز سان ليس نئون فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني آنر پنهنجي ميجڪ سيريز جو لائٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي فيچرز جي حوالي سان معياري فون قرار ڏنو پيو وڃي.

آنر ميجڪ لائٽ 6 کي 8-6 انچن جي اسڪرين سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي، ان کي 8 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

فون کي اينڊرائڊ 14 جي ميجڪ او ايس 8 آپريٽنگ سسٽم ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن.

فون جي بيڪ تي ٽي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي 108 ۽ ٽين به 50 ميگا پڪسل جي آهي.

اهڙيءَ طرح فون جي فرنٽ تي 50 ميگا پڪسل جي طاقتور ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڪيمرا ٽيڪنالاجي کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.

آنر ميجڪ لائٽ 6 کي 5300 ايم اي ايڇ بيٽري جڏهن ته 80 واٽ فاسٽ چارجر ۽ 66 واٽ جي وائرليس چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.

فون کي شروعاتي طور تي يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سوڌو خطي جي ٻين ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪمپني آنر ميجڪ لائٽ 6 جي قيمت پاڪستاني هڪ لک 23 هزار روپين تائين رکي آهي، جنهن کي مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.