ماهرن جوان ماڻهن ۾ دل جي دوري ۽ فالج جو اهم سبب دريافت ڪري ورتو

موجودا دور ۾ جوان ماڻهن ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جهڙن موتمار مرضن جي شرح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي.
هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ ان جو امڪاني سبب دريافت ڪيو ويو آهي.
برطانيا جي برسٽل يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو اهي ته ننڍپڻ ۾ کنڊ، سڻڀ ۽ ڪيلوريز سان ڀرپور غذائن جي استعمال سان جواني ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جو خطرو نمايان حد تائين وڌي ويندو آهي.
محققن 90 جي ڏهاڪي جي هڪ اهڙ تحقيق جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي جنهن ۾ 4700 کان وڌيڪ ٻارن جي غذائي عادتن جو جائزو ورتو ويو هو.
تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويو ته 10،7 ۽ 13 ورهين جي عمر ۾ انهن ٻارن جي خوراڪ ڇا هئي، جنهن کان پوءِ 17 ۽ 24 سالن جي عمر ۾ سندن دل جي شريانين جي صحت جي جاچ پڙتال ڪئي وئي.
نتيجن مان خبر پئي ته 7 سالن جي عمر ۾ جيڪي ٻار سڻڀ ۽ کنڊ سان ڀرپور غذائن جو استعمال ڪيو، انهن جي دل جون شريانيون 17 سالن جي عمر ۾ ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سوڙهيون ٿي چڪيون هيون.
شريانين جي سُسڻ سان بلڊ پريشر وڌندو آهي ۽ دل کي پنهنجن فعلن لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي جنهن سان هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي.
محققن موجب عمر وڌڻ سان دل جي شريانين تي قدرتي طور تي ناڪاري اثر پوندا آهن، پر تماڪ واپرائڻ يا شگر سان اهو عمل تيز ٿي ويندو آهي.
پر هاڻي دريافت ٿيو آهي ته ننڍپڻ ۾ ناقص غذائي عادتن سان به دل جي شريانين جي صحت متاثر ٿيندي آهي.
تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته ننڍپڻ ۾ ميون، ڀاڄين، دالين ۽ صحت لاءِ فائديمند سڻڀ تي ٻڌل غذائن جي استعمال سان مستقبل ۾ دل جي صحت بهتر ٿيندي آهي.
محققن جو چوڻ هو ته نتيجن مان واضح ٿئي ٿو ته ننڍپڻ کان ئي سٺيون غذائي عادتون اختيار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ طبي مسئلن جو خطرو گھٽجي سگھي.
ان تحقيق جا نتيجا برٽش جرنل آف نيوٽريشن ۾ ڇپيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.