دنيا جي مضبوط ترين پاسپورٽس جي فهرست جاري، پاڪستان ڪهڙي نمبر تي رهيو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال دنيا جي طاقتور ۽ ڪمزور ترين پاسپورٽن جي فهرست جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ 6 ملڪ گڏيل طور پهرئين نمبر تي آهن، جڏهن ته ڪمزور ترين پاسپورٽ هن ڀيري به افغانستان جو آهي.
عالمي اداري هينلي اينڊ پارٽنرز 2024 ۾ جنوري کان مارچ لاءِ سڄي دنيا جي مضبوط ترين پاسپورٽس جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
جاپان، جرمني، فرانس، اسپين، اٽلي ۽ سنگاپور جي پاسپورٽس تي 194 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ڪري سگهجي ٿو ۽ ان خاصيت جي بنياد تي اهي ملڪ گڏيل طور تي پهرئين نمبر تي آهن.
مضبوط ترين پاسپورٽ جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي به ٽي ملڪ گڏيل طور تي حصيدار آهن، ڏکڻ ڪوريا، فن لينڊ ۽ سوئيڊن جي پاسپورٽس تي 193 ملڪن ۾ ويزا بنا سفر ڪري سگهجي ٿو.
ڊنمارڪ، آئرلينڊ، آسٽريا ۽ نيڌرلينڊز جا پاسپورٽ ٽئين، جڏهن ته برطانيا، بيلجيئم، ناروي، لڪسمبرگ ۽ پرتگال چوٿين نمبر تي آهن.
ٽئين نمبر واري ملڪن جي پاسپورٽس تي 192 ۽ چوٿين نمبر واري ملڪن ۾ 191 ملڪن جو سفر بنا ويزا جي ممڪن آهي.
يونان، مالٽا ۽ سوئٽزرلينڊ جي پاسپورٽس تي 190 ملڪن ۾ ويزا فري داخلا آهي، جنهن سبب اهي ملڪ فهرست ۾ گڏيل طور تي پنجين نمبر تي آهن.
اهڙي ريت ڪمزور ترين پاسپورٽ افغانستان جو قرار ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ شام ۽ عراق جو نمبر آهي، جڏهن ته چوٿين نمبر تي پاڪستان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.