ملڪ خاطر هر پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان: فخر زمان

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي بيٽر فخر زمان چيو آهي ته شاهين آفريدي ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي آهي هن مون سميت سڀني کي غلط ثابت ڪيو ته هو ڪپتاني نه ٿو ڪري سگهي.
آڪلينڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فخر زمان چيو ته شاهين آفريدي پاڻ پاڻ کي گهڻو گروم ڪيو آهي فرنچائز ۽ قومي ٽيم جي ڪپتاني ۾ فرق هوندو آهي، پر دعاگو آهيان ته جهڙي ريت هن لاهور قلندرز کي پي ايس ايل ۾ ڪامياب ڪرايو اهڙي طرح هو پاڪستان ٽيم کي ڪاميابي ڏياريندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس چوٿين نمبر تي موڪليو وڃي يا ڇهين، ستين تي پر هو خوشي سان کيڏندو، هو ڪا قرباني ناهي ڏئي رهيو پر پاڻ کي خوش قسمت سمجهي ٿو ته هو پاڪستان ٽيم جو حصو آهي.
فخر زمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم ۾ هزارين ڇوڪرا موقعي جي انتظار ۾ آهن، کيس چوٿين نمبر تي موڪلڻ وارو فيصلو ٽيم مئنيجمينٽ جو آهي.
هن چيو ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم تجربيڪار رانديگر آهن، سندن نمبرن کي هيٺ مٿي ڪري سگهجي ٿو پر سندس جاءِ والارڻ سولو نه آهي، ورلڊ ڪپ کان اڳ پندرنهن کان ويهه ميچون آهن، بيڪ اپ تيار ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگرن کي آرام به ملڻ گهرجي، نوان رانديگر سٺا آهن پر کين وقت ڏيڻو پوندو ته جيئن هو بهتر ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.