ڀارتي وزيرن جي وفد پاران مديني شريف جو دورو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ ڀارت وچ ۾ حج معاهدو طئي ٿيڻ کان پوءِ ڀارت جي هندو حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اعليٰ سطح جي وفد مديني جو تاريخي دورو ڪيو.
ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي جي يونين وزير سمرتي ايراني پرڏيهي معاملن بابت وزير وي مرلي ڌرن ٻين اعليٰ اختيارين سان گڏ مديني جو دورو ڪيو.
ٽوئيٽر تي مديني جي دوري جي تصوير شيئر ڪندي سمرتي ايراني لکيو ته اڄ مديني جو تاريخي سفر ڪيو، ان دوري دوران اسلام جي مقدس ترين هنڌن مان هڪ مسجد نبوي صه، احد جبل ۽ اسلام جي پهرين مسجد قبا جو دورو به شامل آهي.
ڀارتي وزير سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيندي کيو ته انهن هنڌن جي اهميت شروعاتي اسلامي تاريخ سان سلهاڙيل آهي جيڪا اسان جي ثقافتي ۽ روحاني وابستگي کي واضح ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.