شڪارپور (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي واسڻ فرزانا زال امير علي اوڍو شڪارپور پريس ڪلب پھچي دانھيو آھي ته 5 سال اڳ منهنجي مڙس پئسا وٺي پنهنجي ڌيءَ سلما جي طارق علي اوڍو سان زبردستي شادي ڪرائي ھئي جيڪي منھنجي ڌيءَ سان صحيح نه ھلندا ھئا.
سلما دانھيو ته منھنجو مڙس مون سان صحيح نه ھلندو ھو، ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي مون کي مارڪٽ ڪندو ھو، ماءُ سان ملڻ نه ڏيندا ھو جنھن تي مون سال 2021 ۾ ڪورٽ معرفت طارق اوڍو کان طلاق ورتي آهي، ان جي باوجود اڳ وارو مڙس واپس اچڻ لاءِ زور رکيو آھي.
فرزانا چيو ته منهنجي ڄاٽي مون به ھٿ وڌا پر ڌيءَ خاطر چپ رھيس.
ھن چيو ته منهنجو مڙس امير علي پئسن خاطر منهنجي طلاق ورتل ڌيءَ کي ٻيھر واپس طارق علي کي ڏيڻ لاءِ مون تي تشدد ڪيو آھي جنھن تي مان ڌيءَ سلمه سميت گھر کان نڪتل آھيان.
ھنن چيو ته ان سڄي مامري بابت مامن جاويد ۽ اقبال کي دانھيو پر اسان جي ڪنھن بہ مدد نہ ڪئي.
ھنن وس وارن کان مدد جي گھر ڪئي ته اڳ واري مڙس طارق اوڍو ۽ امير علي اوڍو کان تحفظ ڏياريو وڃي.