2023 ۾ عمري زائرين جي آمد جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ گذريل سال هڪ ڪروڙ 35 لک 50 هزار زائرين عمري جي سعادت حاصل ڪئي، اهو انگ 2022 جي عمري زائرين جي ڀيٽ ۾ 58 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
سعودي ميڊيا موجب حج ۽ عمري بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج ۽ عمري ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو ته 2023 جو سال عمري زائرين جي انگ جي اعتبار سان رڪارڊ ساز رهيو.
هن ٻڌايو ته 2019 ۾ سعودي عرب ايندڙ زائرين جو سڀ کان وڌيڪ انگ ساڍا 8 ملين هو پر گذريل سال اهو رڪارڊ ٽٽي ويو.
سندس چوڻ هو ته گذريل سال ۾ ساڍا 13 ملين زائرين عمري جي سعادت حاصل ڪئي، اميد ته سڄي دنيا مان ايندڙ عمري زائرين جي انگ ۾ هر سال واڌ ٿيندي، جنهن کي يقيني بڻائڻ لاءِ 1.3 بلين کان وڌيڪ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.