لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته شاگردن کي 10 هزار موٽر بائيڪس ڏئي رهيا آهيون.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته اسان شاگردن کي بنا وياج 10 هزار موٽر بائيڪس ڏينداسين.
هن چيو ته چين ۾ ڪا به بائيڪ فيول واري ناهي، هاڻ ته گاڏيون به اليڪٽرڪ آهن، لاهور آهستي آهستي اليڪٽرڪ وهيڪل تي اچي ويو ته ماحول تي بهتر اثر پوندو.
سندس چوڻ هو ته اي رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي، اڄ کان 3 مهينا اڳ سڀني هٿ مٿي ڪري ڇڏيا هئا ته اهو ممڪن ناهي.
Next Post
You might also like