ڀارتي خلائي مشن سج جي مدار ۾ پهچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو شمسي خلائي مشن چئن مهينن کان پوءِ سج جي مدار ۾ داخل ٿي ويو، اهو خلائي مشن ٻن سالن تائين انهيءَ ۾ رهندو ۽ سج جو مطالعو ڪري اهم ڊيٽا گڏ ڪندو.
چار مهينا اڳ 2 سيپٽمبر تي ڀارتي جي اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن (اسرو) سج جي سروي لاءِ سيٽلائٽ موڪلي هئي. ڀارت سج جو مطالعو ڪرڻ لاءِ سيٽلائٽ موڪليندڙ دنيا جو چوٿون ملڪ آهي، ڀارت کان اڳ آمريڪا، روس ۽ يورپي خلائي ايجنسي ان قسم جي تحقيق لاءِ پنهنجو مشن موڪلي چڪي آهي.
سج لاءِ هندي لفظ سان منسوب آدتيا ايل ون کي ان موقعي تي لانچ ڪيو ويو هو جڏهن ڀارت چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لهندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.