ٿِمپو (ويب ڊيسڪ) ڀوٽان ۾ سڀاڻي عام چونڊون ٿيڻ پيون وڃن، ڀوٽان هن وقت سنگين معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ووٽ ۾ حصو وٺندڙ ٻئي جماعتون ملڪي معيشت جي بحاليءَ لاءِ پرعزم آهن، ٻئي جماعتون اهڙي حڪومت جو واعدو ڪري رهيون آهن جنهن سان عوام جي خوشي ۽ ڀلائي هجي. رياست جي نوجوان نسل جا چئلينجز گھڻن ماڻهن جي ذهنن ۾ آهن، نوجوان بيروزگاريءَ کي منهن ڏين پيا.