نئين سال جو پهريون ون پلس ايس 3 فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ون پلس سال 2024ع جو پنهنو پهريون فون ون پلس ايس 3 متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ون پلس ايس 3 کي اوپو جي بڻايل آپريٽنگ سسٽم ڪلرز او ايس 14 سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي جيڪوگوگل جياينڊرائڊ 14 جيان ڪم ڪري ٿو.
فون کي 7-6 انچن جي اسڪرين جڏهن ته ٽن بيڪ ڪيمرائن ۽ هڪ سنگل سيلفي ڪيمرا سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ون پلس ايس 3 جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا جڏهن ته بيڪ تي ٽي ڪيمرا ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 50، ٻي 8 ۽ ٽين 2 ميگا پڪسل جي آهي.
فون کي 12 ۽ 16 جي بي ريم جڏهنته 256 ۽ 512 جي بي ميموري جي ماڊلز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ون پلس ايس 3 ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته ان ۾ سنيپ ڊريگن جي چپ ڏني وئي آهي.
فون کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري جڏهن ته 100 واٽ جي فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي رڳو 27 منٽن ۾ زيرو کان100 سيڪڙو چارج ڪري سگھبو.
فون کي شروعاتي طور تي رڳو چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سميت خطي جي ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.
فون جي 12 جي بي ماڊل جي قيمت پاڪستاني هڪ لک روپين تائين جڏهن ته 16 جي بي ماڊل جي قيمت پاڪستاني هڪ لک 30 هزار رپين تائين رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.