نانگ جي زهر مان هاءِ بلڊ پريشر جو علاج دريافت

سائوپائولو (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙي قسم جي نانگ جو زهر دريافت ڪيو آهي جيڪو انسانن کي بلڊ پريشر جي مسئلن ۾ مدد فراهم ڪري سگھي ٿو.
جرنل بائيو ڪيمي ۾ ڇپيل نئين تحقيق موجب سائنسدانن کي ڏکڻ آمريڪي نانگ جي هڪ قسم بوٿروپس ڪوٽيارا جي زهر ۾ اهڙو پروٽين مليو آهي جيڪو پنهنجي اندر گھٽ يا وڌيڪ بلڊ پريشر جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
برازيل جي فيڊرل يونيورسٽي آف سائوپائولو جي ميڊيڪل اسڪول سان واسطو رکندڙ محققن نانگ جي زهر ۾ بي سي-7 اي نالي هڪ پروٽين دريافت ڪيو آهي جيڪو بلڊ پريشر کي گھٽ ڪري سگھي ٿو. اهو پروٽين انهن پروٽينز جيان ڪم ڪري ٿو جيڪي بلڊ پريشر گھٽائڻ جي دوا ڪيپٽوپرل بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.
سائنسدانن موجب زهر ۾ موجود ان پروٽين کي جيڪڏهن مناسب خوراڪن ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اهو هڪ ڏينهن طبي علاج جي طور تي استعمال ڪري سگھبو.
ڪيپٽوپرل ۽ ٻيون دوائون اينجيوٽينسن-ڪنورٽنگ انزائم (اي سي اي) جي سرگرمي روڪي ڪم ڪنديون آهن، جيڪو جسم ۾ رت جي دٻاءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهم هوندو آهي.
يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ تحقيق جي شريڪ ليکڪ پروفيسر ايلگزينڊر تاشيما جو چوڻ هو ته موجودا ٽيڪنالاجي باوجود انهن زهرن ۾ گھڻيون اهڙيون شيون آهن جن جو مطالعو اڃا ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.