ڪوئيٽا ۾ ٿڌ ۾ واڌ جو اثر، ڪراچي واسين لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ٿڌي موسم جو اثر ڪراچي تي به پوڻ لڳو ۽ موسميات کاتي شهر ۾ پارو وڌيڪ ڪِرڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جي هڪ ٻئي اسپيل سان ٿڌ وڌي وئي، ڪوئيٽا ۾ برسات کانپوءِ پارو گهٽجي ويو ۽ ٻه رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوئيٽا جي ٿڌي موسم جو ڪراچي تي به اثر پوڻ لڳو، جنهن سان ٿڌ وڌي وئي، اڄ شهر ۾ پارو 12 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته موسميات کاتي پارو وڌيڪ ڪِرڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.