آمريڪا 5 ڏهاڪن کان پوءِ چنڊ تي لهڻ لاءِ خلائي مشن روانو ڪري ڇڏيو

50 ورهين جي عرصي کان پوءِ پهريون ڀيرو اهڙو آمريڪي خلائي مشن روانو ڪيو ويو آهي جيڪو چنڊ تي لهندو.
اهو مشن آمريڪا جي سري خلائي اداري ناسا بدران خانگي ڪمپنين روانو ڪيو آهي.
يونائيٽيڊ لانچ الائنس نالي ڪمپني جي راڪيٽ والڪن ذريعي هڪ ٻي ڪمپني آسٽروبائيوٽڪ ٽيڪنالاجي جي لينڊر کي فلوريڊا مان لانچ ڪيو ويو.
ان راڪيٽ اسپيس ڪرافٽ کي چنڊ ڏانهن روانو ڪيو جيڪو 23 فيبروري تي اتي لهڻ جي ڪوشش ڪندو.
آسٽروبائيوٽڪ چنڊ تي ڪاميابي سان مشن لينڊ ڪرائيندڙ پهرين خانگي ڪمپني بڻجڻ جي خواهشمند آهي.
هيل تائين رڳو 4 اهڙا ملڪ ائين ڪري سگھيا آهن جن ۾ آمريڪا، روس، چين ۽ ڀارت شامل آهن.
اهو 1972ع کان پوءِ آمريڪا جو پهريون مشن آهي جيڪو چنڊ تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو.
ناسان پاران انهن ٻنهي ڪمپنين کي ڪروڙين ڊالرز فراهم ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد چنڊ تي آمريڪي موجودگي جو احساس ڏيارڻ آهي، ڇو جو ٻين ملڪ پاران ان حوالي سان 2023ع ۾ گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي.
آمريڪي خلائي اداري کي اميد آهي ته ان مشن سان ناسا جي چنڊ جي کوج جي ڪوششن کي نئين زندگي ملندي.
واضح رهي ته ناسان پاران 2025ع ۾ آرٽيمس 3 مشن ذريعي انسانن کي چنڊ تي پهچايو ويندو.
والڪن راڪيٽ جي اِها شروعاتي آمائشي اڏام به آهي جيڪا ڊگھي عرصي کان دير جو شڪار هئي.
فيبروري ۾ اسپيس ايڪس پاران هڪ خانگي ڪمپني جي لينڊر کي هڪ هفتي جي اندر چنڊ تي لينڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.